آڳاٽو اڻپورو قلمي نسخو 3

آڳاٽو اڻپورو قلمي نسخو3: شاهه عبداللطيف جي ڪلام جو ٽيون اڻپورو نسخو آهي، جنهن جا فقط 7 ورق (14 صفحا) نمبر108_ 102 تائين دستياب ٿيا، جيڪي سڻيءَ مان ٺهيل آڳاٽي ميرانجهڙي ۽ ٿلهي ڪاغذ جا آهن. انهن ورقن ۾ هيٺين سُرن جا ٿورا ٿورا بيت شامل آهن: ڪلياڻ ۽ جمن، بيراڳ يعني بروه سنڌي، سورٺ، رپ، سامونڊي ۽ ڪارايل. حاشيي ۾ مومل راڻي جا بيت لکيل آهن. انهن ورقن ۾ آيل هرهڪ سُر ۾ بيتن جي مختصر تعداد مان ڀانئجي ٿو ته هي مجموعو هڪ انتخاب آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو